منشي ٻالچند

منشي ٻالچند: منشي ٻالچند ’آزاد‘ ڪلهوڙن جو درٻاري شاعر هو. هيءُ آخوند فيض الله ’طپش‘ جي شاگردن مان هو ۽ مير علي شير قانع ٺٽويءَ جو دوست هو. غزل ۽ تاريخ گوئيءَ ۾ کيس وڏي مهارت حاصل هئي. هن جي چيل قطعه تاريخن کي پڙهڻ سان معلوم ٿئي ٿو ته قطعه تاريخ جي فن ۾ هن جو ڪو ثاني نه هو. جڏهن ميان غلام شاهه ڪلهوڙو سنڌ جو حاڪم ٿيو، تڏهن هيٺين قطعه تاريخ لکيائين:
به نشت ’غلام شاهه‘ بر ’مسند جاه‘
برخاست ’مرادياب نا اميد‘ به ’آه‘
1170هه=370-1540
منشي ٻالچند مير بهرام خان ٽالپر جي شهادت تي به هڪ طويل قطعه تاريخ چئي ۽ مير خان ٽالپر'>بجار خان ٽالپر جي شهادت تي ٻه ماده تاريخ ڪڍيائين.


لفظ منشي ٻالچندھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو